پاڪستان هن وقت 84 ارب ڊالر کان ڌيڪ جو قرضي آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته نيب جي قانون تحت ڪابه انڪوائري ۽انويسٽيگيشن قانون جي دائري کان ٻاهر نه هئڻ گهرجي سڄي قوم سان گڏجي ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو آهي ان ڏس ۾ نيب آفيسرن جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي سومر تي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال قومي احتساب بيورو هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ نيب هيڊڪوارٽرز ۽ نيب جي سمورن علائقائي بيوروز جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو نيب جي چيئرمين اجلاس ۾ خاص ڪري انهن حڪمن جي عملدرامد رپورٽ جو جائزو ورتو جيڪي هن پنهنجي منصب جون ذميوارون سنڀالڻ کان پوءِ ڏنيون هيون اجلاس ۾ پراسيڪيوشن آپريشن ۽ آگاهي ۽ تدارڪ ڊويزن پنهنجي ڪاڪردگي تي روشني وڌي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نيب بابت اٽڪل 173 فيصلا ڏنا آهن انهن کي ۽ نيب جي قانون جي تحت ڪابه انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن قانون جي دائري کان ٻاهر نه ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ملڪ هن وقت اٽڪل 84 ڊالر کان وڌيڪ جو قرضي آهي ٻئي طورف موبائيل ڪمپنيون مبينه طور تي اٽڪل 400 ارب رپين جو ٽيڪس ايف بي آر کي نٿيون ڏين نيب ۾ هاڻي صرف ۽ صرف قانون مطابق ڪم، ڪم ۽ صرف ڪم ٿيندو هن گذريل ٽن مهينن جي رپورٽ تي اطمينان ڏيکاريندي هدايت ڪئي ته نيب جي ڪم ۾ تبديلي پوري قوم ڏسي رهي آهي چيئرمين نيب چيو ته اسان سڄي قوم سان گڏجي ملڪ مان ڪرپشن کي ختم ڪنداسين ان ڏس ۾ نيب آفيسرن جي ڪائي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *