پاڪستان هر مشڪل مان نڪري رهيو آهي، 2018 لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو سال هوندو: نواز شريف

چڪوال:وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان هر مشڪل مان ٻاهر نڪري رهيو آهي،جڏهن ته 2018 ع تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو به خاطمو ٿي ويندو.چڪوال ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته چڪوال سوڌو پوري ملڪ جي عوام مسلم ليگ(ن)تي اعتماد ڪيو آهي،جنهن سبب اسان هارين،مزدورن ۽ عام مڻهو جي خوشحالي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪري رهيا آهيون.سندس چوڻ هو ته پاڪستان مشڪل وقت مان ٻاهر نڪري رهيو آهي،الله جي فضل ڪرم سان ملڪ مان دهشتگرديءَ سوڌو هر ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻين مسئلن کي به ٿوري وقت ۾ حل ڪري وٺنداسين.وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته بجلي لاءِ هڪ ڪروڙ ڪورڙ رپيا ڏينداسين،جڏهن ته بجلي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون ۽ ان شا الله 2018 ع تائين ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاطمو آڻينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *