تيل جا اگهه گهٽجڻ سان عوام کي جيڪو لاڀ ملڻ گهرجي نه ملي سگهيو….

عالمي اگهن ۾ آيل لاٿ کي نظر ۾ رکندي وفاقي سرڪار پهرين مارچ تي ملڪ اندر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 48 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول هاڻي في ليٽر 62 رپيا 72 پيسا ٿي ويو آهي. اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل چار رپيا 67 پيسا، لائيٽ ڊيزل هڪ روپيو 7 پئسا، هاءِ آڪٽين 2 روپيا 98 پيسا، گاسليٽ هڪ روپيو 66 پئسا في ليٽر سستا ٿي ويا آهن. تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پيٽروليم وارين شين جا اگهه گهٽائڻ سان سرڪار کي نقصان ٿيو آهي پر تنهن هوندي به عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ان حد تائين تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سندس اهو به چوڻ هو ته عوام تان ٽيڪس جو بار جيترو گهٽ ٿئي اوتري ئي کيس خوشي ٿيندي. پيٽروليم شين خاص ڪري في ليٽر پيٽرول جي اگهه ۾ 8 روپيا 48 پئسا جيڪا لاٿِ ڪئي وئي آهي، تنهن جي آجيان ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد به ڪجي ٿي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون پنهنجي لاڳاپيل ادارن کي سرگرمُ ۽ فعال بڻائيندي انهيءَ لاٿِ جو فائدو هيٺين سطح تي عوام کي به پهچائڻ لاءِ ڪي اپاءَ ضرور وٺنديون. بدقسمتيءَ سان قيام کان وٺي اڄ تائين هيءَُ ملڪ ڪڏهن مارشلائن، ڪڏهن دهشتگردي، ڪڏهن انتهاپسندي، ڪڏهن لسانيت، ڪڏهن قومي تضاد ته ڪڏهن انتهاپسنديءَ جي بحران جي ور چڙهيل پئي رهيو آهي، مهانگائي پڻ وقتن به وقتن هن ملڪ ۾ هڪ بحران جي شڪل  به اختيار ڪندي رهي آهي، جنهن جو ماريل عوام هر گهڙي هر پَلَ حڪومت جي سطح تي ۽ رياست جي سطح تي ڪنهن نه ڪنهن رليف جي ڳولا ۾ پئي رهيو آهي. ائين به ناهي ته حڪومتن طرفان عوام جي رليف لاءِ ڪي پروگرام ناهن ڏنا ويا يا عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وقت جي حڪومتن ڪيئي پروگرامَ پئي ڏنا آهن پر اهي ان ڪري گهربل نتيجا ڏئي نه سگهيا آهن جو انهن پروگرامن تي عمل يقيني بنائڻ جي ڪردارن پنهنجو ڪردار سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نه نڀايو يا ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته انهيءَ ڏس ۾ ٺهيل قانونن تي سندن روح مطابق عمل نه ٿيڻ جي ڪري عوام رليف کان هميشه محروم پئي رهيو آهي. هن ملڪ جي لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري ٿي، اڄ کوڙ اهڙا علائقا آهن، جتي جي واسين لاءِ رزقُ، روزگار ۽ ٻن ويلن جي ماني وڏو چيلينج بڻيل آهي،اڄ به ڳڀي جي ڳولا ۾ پيڙهيل طبقي جي گهٽ اجرت تي به جفاڪشي جاري آهي. عامُ واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو بارو جي سڀ کان وڌيڪ ڪنهن طبقي تي پيو آهي ته اهو پورهيت طبقو ئي آهي ۽ غريب طبقو ئي آهي. سو چئي سگهجي ٿو ته پيٽروليم جي شين جي قيمت ۾ واڌ يا گهاٽي جو سنئون سڌو اثر به انهيءَ غريب ۽ پورهيت طبقي تي ئي پئي ٿو. پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ يا گهٽتائي عامُ واهپي جي شين سان تعلق رکي ٿي، تنهن ڪري اهڙن اگهن ۾ واڌ يقينن سرمائيدار ۽ واپاري طبقي لاءِ خوشخبري هوندي آهي ۽ غريب طبقي لاءِ مايوسيءَ واري ۽ رڳن جي رهيل رت به چوسي ڇڏڻ واري خبر هوندي آهي پر جي اهڙن اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي، ته غريب ۽ پورهيت طبقي لاءِ هِڪ خوشيءَ جي خبر هوندي آهي. اسان جو ملڪ اڃا ترقيءَ ۾ ان سطح تي نه پهتو آهي جو مافيائن کي ٽوڙهو وجهي سوگهو ڪري سگهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *