پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي جو حامي آهي، افغان امن عمل ۾ پنهنجو مصالحت وارو ڪردار نيت سان ادا ڪري رهيو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي جو حامي آهي، ان موقف تحت پاڪستان افغان امن عمل ۾ پنهنجو مصالحت وارو ڪردار خلوص ۽ نيت سان ادا ڪري رهيو آهي، هي پاڪستان جي انهن ڪوششن کي هٿي ملي رهي آهي، پاڪستان اڳيان معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ معاشي سفارتڪاري کي ڪتب آڻي ٻاهرين سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا، جمعي تي پرڏيهي معاملن بابت مشاورتي ڪونسل جو اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اڳوڻا سفير، اڳوڻا پرڏيهي سيڪريٽري، بين الاقوامي معاملن جا ماهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي امڪاني آمريڪا جي دوري، افغان امن عمل سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي بحث ڪيو ويو، پرڏيهي وزير مشاورتي ڪونسل جي ميمبرن کي پنهنجي تازي برطانيا جي دوري، دولت مشترڪه جي اجلاس ۽ اتي ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٻه طرفي ملاقاتن جي تفصيل کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته سيڪريٽري جنرل ڪامن ويلٿ دولت مشترڪه جي فعال ميمبر طور پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي امڪاني آمريڪا جي دوري ۽ ان دوري جي ٻه طرفي پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي اثرن جي حُوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *