هتي نوڪريون ۽ الائونس ڏيڻ لاءِ ناهيون ويٺا، قانون رستو نٿو ڏئي ته ڪا همدردي نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي ملازم ممتاز احمد جي فارين الائونس جي درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان هتي نوڪريون ۽ الائونس ڏيڻ لاءِ ناهيون ويٺا، اسان کي پنهنجو ڪم قانون تحت ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف کوسا جي سربراهي ۾ بئنج پرڏيهي وزارت جي ملازم ممتاز احمد کي فارين الائونس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل ممتاز احمد چيو ته عدالت معاملي جو ٻيهر جائزي لاءِ حڪم ڏنو، عدالتي حڪم باوجود وزارت معاملي جو جائزو نه ورتو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته کاتو پنهنجي قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، جنهن تي وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت ٿورو دروازو کولي ته جيئن هوا اچي. چيف جسٽس چيو ته اسان هتي همدردي لاءِ ناهيون ويٺا، رستو قانون مان نڪرندو، جيڪڏهن قانون رستو نٿو ڏئي ته همدردي به نٿا ڪري سگهون، هتي نوڪريون ۽ الائونس ڏيڻ لاءِ ناهيون ويٺا، اسان کي پنهنجو ڪم قانون تحت ڪرڻو آهي. پوءِ سپريم ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي ملازم ممتاز احمد جي فارين الائونس جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *