پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي:خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، اسلام آباد جي قربانين کي سموري دنيا ساراهيو آهي. اسلام آباد ۾ بچاءِ واري وزير خواجا آصف سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل نڪولس جي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آپريشن ضرب عضب ۽ خطي جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. برطانوي فوج جي سربراهه جنرل نڪولسن چيو ته آپريشن ضرب عضب سان نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، برطانيا پاڪستان جي قربانين کي دل سان تسليم ڪري ٿو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، اسلام آباد جي قربانين کي سموري دنيا ساراهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *