ميان صاحب ڊڪٽيٽر جي هٿن ۾ پلجي وڏو ٿيو کيس ڪهڙي خبر جمهوريت ڇا آهي: عمران خان

پشاور (م.ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ميان صاحب اوهان ڊڪٽيٽر جي هٿن ۾ پلجي وڏا ٿيا آهيو، اوهان کي ڪهڙي خبر ته جمهوريت ڇا ٿيندي آهي، خابرو ادارن موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته ميان صاحب کي کنگهه به ٿيندي آهي ته پرڏيهه وڃي علاج ڪرائيندو آهي، برطانوي وزير اعظم پارليمينٽ ۾ اچي پاڻ تي لڳل الزامن جي وضاحت ڪئي هئي، حڪومت وارا صرف بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪرپشن جا الزام هڻندا آهن، نواز شريف مشرف جي ڊڪٽيٽر شپ کان وڌيڪ ظلم ڪيو آهي، مشرف دور ۾ ماڊل ٽائون جيان گوليون نه هنيو ويون هيون، ميان صاحب قوم سان سچ ڳالهائي، توهان اهو ٻڌايو ته پئسو ٻاهر ڪيئن ويو، سندس چوڻ هو ته ڪميشن جي ضرورت نه آهي، ميان صاحب جي ٻارن جي ڪمپنين جا نالا اچي ويا آهن، ميان صاحب وڌ کان وڌ ٽيڪس ساڍا 5 لک رپيا ڏنو هو، اپوزيشن جو ڪم غلط ڪمن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ حڪومت جو ڪم پڪرڻ آهي، حڪومت جو ڪم ڪرپٽ ماڻهن کي پڪرڻ آهي بليڪ ميل ڪرڻ نه، عمران خان چيو ته لڳي ٿو ميان صاحب علاج ڪرائڻ نه ڪنهن وڏي مشن لاءِ ويو هو، ڪرپشن بچائڻ لاءِ خيراتي اسپتال تي الزام لڳايا ويا، شوڪت خانم اسپتال ۾ ڪرپشن هئي ته 8 سالن کان حڪومت ايڪشن ڇو نه کنيو، هاڻ چپ ڪري نه ويهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *