پاڪستان جي پهرين ڪاميابي، نيوزيلينڊ کي ٻي ٽي 20 ۾ 48 رنسن تان شڪست

آڪلينڊ ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ٻي ٽي 20 ميچ ۾ نيوزيليند کي 48 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهريون بيٽنگ شروع ڪئي ته اوپنر فخر زمان ۽ سيلفي ڪنگ احمد شهزاد زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ڪيوي بالرن تي چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ڪري ڏني. اوپنرن 94 رنسن جي ڀائيواري ڪئي جنهن بعد احمد شهزاد 34 بالن تي 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. فخر زمان 28 بالن تي ففٽي مڪمل ڪري پويلين موٽي ويو. بابر اعظم ۽ ڪپتان سرفراز احمد پڻ تيز رفتاريءَ سان بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو. ڪپتان سرفراز احمد 24 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 41 رنسون ٺاهي موٽيو، جڏهن ته بابر اعظم  29 بالن تي 50 مڪمل ڪئي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي نموني 202 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ نيوزيليند جي سموري ٽيم 153 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.  پاڪستان طرفان فهيم اشرف 3، محمد عامر ۽ شاداب خان 2، 2 جڏهن ته رومان رئيس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏ ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *