”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ جو هدايتڪار تبديل

ممبئي (شوبز نيوز) ڌرما پروڊڪشن جي بينر هيٺ تيار ٿيندڙ فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ جون هدايتون هاڻي ڪرن جوهر بدران پنيت ملهوترا ڏيندو. فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ ڪرن جوهر جي 2012ع جي فلم جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ عاليا ڀٽ، ورون ڌون ۽ سڌارٿ ملهوترا ڊيبيو ڪيو هو. هن ڀيري فلم جي سيڪوئل ۾ مرڪزي ڪردار ۾ جيڪي شروف جو پُٽ ٽائگر شروف جلوا ڏيکاريندو جنهن سان گڏ ٻه اداڪارائون هونديون، جڏهن ته 2012ع جي فلم ۾ ٻه اداڪار ۽ هڪ اداڪارا هئي. گذريل رات فلمساز ڪرن جوهر پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ جو نئون پوسٽر مداحن سان شيئر ڪيو ۽ فلم جي نمائش جي تاريخ جو اعلان ڪيو. هن ٻُڌايو ته فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ هلندڙ سال 23 نومبر تي ريليز ٿيندي جڏهن ته ٻه مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارائن جي نالن جو اعلان ايندڙ مهيني ڪيو ويندو. گڏ ئي ڪرن جوهر ٻُڌايو ته هن ڀيري فلم جون هدايتون پنيت ملهوترا ڏيندو، جنهن سان خبر پئي ٿي ته ڪرن جوهر هن ڀيري رڳو پروڊيوسر طور فلم سان ڳنڍيل رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *