پاڪستان جي مڌر ٽريسا ڊاڪٽر رٿ فائو لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني مڌر ٽريسا ڊاڪٽر رٿ ڪراچيءُ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. پاڪستاني مڌر ٽريسا 88 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر رٿ فائو 9 سيپٽمبر  1929ع تي جرمني جي شهر ليپازگ ۾ جنم ورتو جيڪا ڊگهي عرصي کان ساهه جي تڪليف ۽ دل جي مرض جو شڪار رهي. ڊاڪٽر رٿ فائو 1960ع ۾ پاڪستان ۾ جذام جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر رٿ فائو جي ڪوششن سان ملڪ مان جذام جو مرض ختم ٿيو. صحت جي عالمي اداري 1996ع ۾ پاڪستان کي جذام تي ضابطو آڻڻ وارو ملڪ قرار ڏنو جڏهن ته پاڪستان ايشيا جو پهريون ملڪ هو جنهن ۾ جذام تي ضابطو آندو ويو.  حڪومت 1979ع ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو کي جذام جي خاتمي لاءِ وفاقي صلاحڪار بڻايو ۽ 1988ع ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو کي پاڪستان جي شهرت ڏني وئي. ڊاڪٽر رٿ جي خدمتن تي کيس ستاره قائد اعظم، هلال امتياز، جناح ايوارڊ ۽ نشان قائد اعظم سان نوازيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر رٿ فائو کي جرمن حڪومت بيم بي ايوارڊ ۽ آغا خان يونيورسٽي ڊاڪٽر آف سائنس جي ايوارڊ سان نوازيو. ڊاڪٽر رٿ فائون جون آخري رسمون 19 آگسٽ تي پيٽرڪ چرچ صدر ۾ ادا ڪيون وينديون. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڊاڪٽر رٿ فائو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ جرمني ۾ پيدا ٿي پر سندس دل ۾ پاڪستان ۾ ڌڙڪندي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *