لاڙڪاڻو ويجهو تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، ۳ ڄڻا فوت، هڪ زخمي

لاڙڪاڻو(رپورٽر) ميهڙ ڀرسان گاجي کهاوڙ روڊ تي ڳوٺ لونگ تنيو لاڙي ڀرسان تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مسمات ڪلثوم زال غفار بروهي، وارهه تعلقي جي ڳوٺ ظفرآباد جو رهواسي همت علي بروهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته وحيد پٽ علي گل بروهي ۽ ۱۳ سالن جو ٻار محمد ايوب پٽ رحمت الله سولنگي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي لاڙڪاڻي نيندي رستي ۾ ۱۳ سالن جو ٻار محمد ايوب به فوت ٿي ويو، اهڙي ريت فوتين جو انگ ۳ ٿي ويو، هوڏانهن حادثي ۾ ۳ سالن جي ٻارڙي کي روڊ ڀرسان پاڻي جي تلاءَ مان زندهه حالت ۾ هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي عورت ۽ مرد جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي. فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *