پ پ چيئرمين سنڌ مان ماڻهن جي کنڀجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، سنڌ سرڪار کان جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت جمهوريت ۽ سسٽم کي ڪو خطرو ناهي، ها نواز شريف جي ذات کي ڪو ضرور خطرو آهي، نواز شريف جي ذات ۽ جمهوريت جو ڪو تعلق ناهي، هن چيو ته گذريل چونڊن ۾ سياسي حالتون ڪجهه مختلف هيون، اسان ڪو آئيني ٽڪراءُ نٿا چاهيون، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان معاملا سامهون اچي رهيا آهن، گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان سنڌ حڪومت کان به سوال ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهن جي گم ٿيڻ واري معاملي جي سخت مذمت ڪريان ٿو، سينيٽ ۾ انساني حقن جي ڪميٽي ۾ به سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن بابت آواز اٿارڻ لاءِ چيو آهي، اسان گار گند جي سياست نه ڪنداسين، اسان ڪنهن ٻي پارٽي جي فيصلن تي ناهيون هلندا، مائنس ون جو فارمولو نه هلندو، اسان چاهيون ٿا ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *