پاڪستان جو وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو ”حتف 6 “ جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (م.د) پاڪستان درمياني فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو ”حتف 6 “ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، حتف 6 جوهري ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو، شاهين ٽو بحيره عرب ۾ 0 0 1 سيڪڙو هدف کي صحيح نشان لڳايو، ميزائل 0 0 5 1 ڪلو ميٽر تائين هدف جو نشانو بڻائي سگهي ٿو، صدر مملڪت ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت عسڪري قيادت شاهين ٽو جي ڪامياب تجربي تي واڌايون ڏنيون ۽ پاڪ فوج جي قدمن کي ساراهيو. پاڪ فوج جي سُڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان وچٿري فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو ”حتف 6 “ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، تجربو بحيره عرب ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود حيات، ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خان، نيسڪا چيئرمين محمد عرفان برني، سينئر آفيسر اسٽريٽجڪ فورسز، سائنسدانن ۽ انجنيئرز به موجود هئا. ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود حيات خان شاهين ٽو جي ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو ۽ ان موقعي تي هڪ ٻيو سنگ ميل پار ڪرڻ تي سائنسدانن ۽ عسڪري قيادت کي واڌايون ڏنيون. بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو حتف 6 جوهري ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. شاهين ٽو جي ڪامياب تجربي تي صدر مملڪت ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت عسڪري قيادت سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي واڌايون ڏنيون ۽ پاڪ فوج جي قدمن کي ساراهيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *