چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي تشڪيل جي تجويز مڪمل نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربرهه عمران خان چيو آهي ته چونڊ ڌانڌلي جي  جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي تشڪيل جي تجويز مڪمل نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي اسان نوازشريف کي موقعو ڏنو آهي ته هو پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪري اسان کي معلوم آهي ته ڌانڌلي جي جاچ ۾ ڇا آڏو اچڻ وارو آهي پر 30 نومبر کان پوءِ هن حڪومت جي خلاف جيڪو ڪنداسين اهو پرامن هوندو خانگي نيوز چينل کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته پي ٽي وي تي حملي جو الزام مون تي لڳائڻ منهنجي لاءِ ايئن ئي آهي جيئن مون تي مينهن چوري ڪرڻ جو الزام عائد ڪيو وڃي منهنجو هن حملي سان ڪوئي تعلق نه اهي حي الزام اصل ۾ حڪومت جي ڪمزوري جي عڪاسي ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *