پاڪستاني ڪرڪيٽرن بورڊ کي پاڻ کانسواءِ معلومات فرهم ڪرڻ کان صاف انڪار

لاهور (شُوبز نيوز) سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪرڪيٽر پي سي بي کي پاڻ کانسواءِ معلومات فراهم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪجھه عرصو اڳ پي سي بي جي اينيٽي ڪرپشن يونٽ ۾ خدمتون ڏيندڙ ڪرنل رٽائرڊ اعظم پاران رانديگرن کي هڪ خط لکيو ويو جنهن ۾ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل 35 ڪرڪيٽرن سان ان جي زال، ڀيڻ ۽ ڀائرن سيمت والدين جي مالي اثاثن  ۽ ملڪيت جا تفصيل طلب ڪيا ويا، پهريان ته ڪرڪيٽرن اهڙي قسم جي معلومات  ڏيڻ جي حوالي سان حيرانگي ظاهر ڪئي ۽ چٽن لفظن ۾ ٻڌايو ته هو پنهنجي حوالي سان ته سموري معلومات بورڊ سان شِئر ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر پي  سي  بي جي اعظم جي گھربل گذارشن تي تفصيل فراهم ڪرڻ ان لاءِ ڏکيائي نه پر نا ممڪن هوندو. خاص طور تي شعيب ملڪ ته الٽو پي سي بي کي سوال ڪيو ته ان جي گھر واري ته ڀارتي شهري آهي هوءَ ڪيئن پي سي بي کي ان جا بينڪ اڪائونٽ ۽ ملڪيت جا تفصيل  ادا ڪري سگھي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *