ميگ لينگ انجري سبب وومينز ايشز سيريز کان ٻاهر

سڊني (شُوبز نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا ريڪل هائنز کي انگلينڊ خلاف شيڊول وومينز ايشز سيريز لاءِ وومين ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪيو آهي. ان کي ريگيولر ڪپتان ميگ لينگ بدران اها ذميواري ڏني وئي آهي. جيڪا انجري مسئلن سبب سيريز مان ٻاهر ٿي چڪي آهي. آسٽريليا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ميگ لينگ ورلڊڪپ دوران ڪنڌ جي انجري جو شڪار ٿي هئي صحت صحيح ٿيڻ جي عمل کان گذري رهي آهي. هوءَ ايشز سيريز ۾ به ٽيم ۾ شامل نه ٿيندي. ياد رهي ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ وومينز ٽيمن وچ ۾ ايشز سيريز ۲۲ آڪٽوبر کان شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *