پاڪستاني رانديگر  سالن ٿيندڙ هوم سيريز اڄ ئي پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ بي قرار

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستاني رانديگر  سالن ٿيندڙ هوم سيريز اڄ ئي پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ بي قرار آهن. جڏهن ته زمبابوي ٽيم پاڪستاني تماشائين جي دل ٽوڙڻ جو ارادو ٺاهي ڇڏيو آهي. پاڪ زمبابوي سيريز  جو ٻيو ميچ اڄ منجهند لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. مهمان ٽيم پنهنجي ريگيولر ڪپتان جي غير موجودگي ۾ ميزبان ٽيم خلاف ميچ کيڏي برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. زمبابوي ڪپتان تي 2 ميچن جي پابندي هئڻ سبب اڄ ميدان تي نه لهندو. پاڪستان جيڪڏهن اهو ميچ کٽي ويو ته 2013ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ون ڊي سيريز ان جي نالي ٿي ويندي. هارجي ويو ته مهمان ٽيم لاءِ اها وڏي ڪاميابي هوندي. هن ميچ کي ڏسڻ لاءِ تماشائين جي وڏي تعداد قذافي اسٽيڊيم جو رخ ڪري رهي آهي. اهو ميچ شام 4 وڳي شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *