قومي ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق 41 سالن جو ٿي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز): مصباح الحق 28 مئي 1974ع تي ڏکڻ پنجاب جي شهر ميانوالي ۾ پيدا ٿيو ۽ ان 2001ع ۾ نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ميچ سان پنهنجي بين الاقوامي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، مصباح الحق 2010ع ۾ ان وقت قومي ٽيم جي قيادت سنڀالي جڏهن قومي ٽيم ڏکئي وقت ۾ هئي، مصباح الحق پنهنجي جارهاڻي انداز جي ڪري نه صرف قومي ٽيم کي سهارو ڏنو پر گرين شرٽس جي ڪرندڙ ساک کي بچايو، مصباح الحق ون ڊي ۽ ٽي ٽوئينٽي ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم قيادت ڪري رهيو آهي، مصباح 55 ٽيسٽ، 162 ون ڊي ۽ 39 ٽي ٽوئينٽي ۾ گرين شرٽس جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي، ان کان علاوه مصبا الحق 36 ٽيسٽ، 87 ون ڊي ميچن ۾ قومي ٽيم جص قيادت جو فرض به نڀائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *