پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جو بالنگ ايڪشن غير قانوني قرار، پابندي لڳائي وئي

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن کي غير قانوني قرار ڏيندي مٿس پابندي هڻي ڇڏي آهي. آءِ سي سي پاران محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن تي رپورٽ اچڻ بعد سندس بالنگ تي هڪ سال جي پابندي لڳائي لڳائي وئي آهي. سريلنڪا خلاف سيريز ۾ بالنگ ايڪشن شڪي هئڻ تي محمد حفيظ جي ٽيسٽ ڀارتي شهر چناءِ جي ٽيسٽ ليبارٽري مان ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ هـُو پاس ٿيڻ ۾ ناڪام رهيو. رپورٽ اچڻ بعد آءِ سي سي محمد حفيظ جي بالنگ تي هڪ سال لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. پابندي کانپوءِ محمد حفيظ سريلنڪا خلاف جاري ون ڊي سيريز ۾ بالنگ نه ڪرائي سگهندو پر کيس بيٽسمين طور ٽيم ۾ کيڏڻ جي اجازت هوندي. ياد رهي ته ان کان اڳ نومبر 2014ع ۾ پڻ محمد حفيظ کي بالنگ ڪرائڻ کان روڪيو ويو هو ۽ بالنگ ايڪشن ۾ بهتري اچڻ بعد آءِ سي سي اپريل 2015ع ۾ ڪليئر ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *