ڪرپشن خلاف هلندڙ ساراهه جوڳيون ڪارروايون

 

سنڌ ۾ ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن ۽ اعليٰ فوجي عملدارن جي سفارشن بعد رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري جي مدي ۾ سال واڌ، ڪرپشن ۾ ملوث ڄاڻايل ڪامورن کي هٽايو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم شاھ آئين جي آرٽيڪل 147 تحت رينجرز جي سنڌ ۾ ترسڻ واري مدي ۾ هڪ سال واڌ  ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي  رينجرز  پوليس ،سول انتظاميا سان امن امان جي حوالي سان سهڪار ڪندي، اهڙي منظوري  ، سنڌ جي گھرو سيڪريٽري  مختيار سومري ، چيف سيڪريٽري جي ذريعي رينجرز کي سنڌ ۾ وڌيڪ هڪ سال ترسڻ جي  منظوري ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي  موڪليل سمري تي ڏني وئي آهي ،  رينجرز جو مدو 19 جولاءِ تي ختم ٿي رهيو هو،  سنڌ جي  وڏي وزير سمري جي منظوري ڏيندي رينجرز جي مدي ۾ 20 جولاءِ کان هڪ سال لاءِ واڌ ڪري ڇڏيو آهي، رينجرز کي وڌيڪ عرصو مقرر رهڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان منظوري حاصل ڪئي ويندي، وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي آهي ته رينجرز ساڳئي جذبي سان  سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي رهندي. سنڌ حڪومت ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف سرجيڪل آپريشن ڪندي،سيڪريٽرين ۽ 10 ڊپٽي ڪمشنرن کي پنهنجن عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي ، جنهن کان پوءِ صوبي جي سول انتطاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ سنڌ ڪابينا جي  وزيرن کي به هٽايو ويندو جن تي ڪرپشن جا الزام آهن ،ڪالھه سي  ايم هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاھ ، مڪاني ادارن واري وزير  شرجيل انعام ميمڻ شرڪت ڪئي ۽ وڏي وزير کي دبئي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ٿيل ملاقات ۽ ان ۾ ٿيل اهم فيصلن کان وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ، کيس ٻڌايو ويو ته شريڪ چيئرمين جو حڪم آهي ته رينجرز جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي ، ۽ ڪرپشن ۾ ملوث سمورن آفيسرن کي عهدن تان بنا دير هٽايو وڃي ۽ ايپڪس ڪميٽي ۾ ٿيل فيصلن تي عمل ڪيو وڃي ۽ صوبي اندر انتظامي بهتري آندي وڃي ، جنهن کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي شاھ ، فوري طور تي ڪراچي پوليس جي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو کي عهدي تان هٽائي کيس اينٽي ڪرپشن  جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين سيد ذاڪر حسين کي اتان هٽائي ايڊيشنل آءِ جي ڪرائيم برانچ مقرر ڪيو ويو آهي مشتاق مهر کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو آهي ، جڏهن ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آصف اعجاز شيخ کي  به پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو آهي هن مٿان الزام آهي ته هن جيڪب آباد مان هڪ انجنيئر کي گرفتار ڪري ان کان لکين رپيا رشوت ورتي ، جڏهن ته وڏي وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي  ڊي جي منظور قادر ڪاڪا ، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ثاقب سومرو ، ايم ڊي سيپرا  عبدالرحيم سومري، ڪوآپريٽو سوسائٽيز کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري شاذر شمعون کي پنهنجن عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي ، جڏهن ته سيد ممتاز شاھ کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي ،احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز، انعام الله ڌاريجو کي سيڪريٽري ڪوآپريشن مقرر ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته منظور قادر ڪاڪا ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ،ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڪو آپريشن شاذر شمعون کي عهدن تان هٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ذوالفقار لاڙڪ کي ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، نذر بوذدار ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن مقرر  ڪيو ويو آهي  اتان آصف اعجاز شيخ کي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . جڏهن ته 10 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي به ڪرپشن ، غير قانوني طريقي سان ڏيھه ۽ پرڏيھه ۾ ملڪيتون ٺاهڻ الزام ۾ هٽايو ويو آهي ،جن  ڊپٽي ڪمشنرن کي هٽايو ويو آهي انهن ۾ سجاول جو ڊپٽي ڪمشنر آيو خان مري ،ڊي سي اولھه ڪراچي ، محمد علي شاھ، دادو جو ناصر عباس ،ميرپورخاص جو رشيد احمد زرداري، سانگھڙ جو سڪندر علي خشڪ،، شڪار پور جي هادي بخش زرداري ڄام شوري جي سهيل اديب بچاڻي،نوشهرو فيروز جي مرزا ناصر،ٿر پارڪر جي آصف شيخ، ۽ ٽنڊو الهيار جو ڊپٽي ڪمشنرمهدي شاھ شامل آهن ، واضع رهي ته ايپيڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاس کان اڳ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڪراچي جي ڪورڪمانڊر نويد مختار ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ هن کيس عسڪري قيادت جو نياپو ڏنو ته سنڌ ۾ جيڪي ڪامورا ۽ وزير ڪرپشن ، مالي بي قاعدگين ۽ غير قانوني ڪمن ۾ ملوث آهن انهن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو وڃي، خاص ڪري اهي ڪامورا جيڪي زمين جي قبضن ، غير قانوني الاٽمينٽ ، ڀتاخوري . سياسي ۽ مذهبي تنظيمن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن کي هٽايو وڃي ، پ پ پ ۽ سنڌ سرڪار جي  ذريعن  جنهن کان پوءِ پ پ پچيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي پهچي پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان تفصيلي ملاقات ڪئي ۽ عسڪري قيادت جي مطالبي کان آگاھ ڪيو ، ان کانپوءِ  گذريل ڏينهن دبئي ۾ پ پ پ جي اعليٰ  قيادت  جي منطوري کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ڪامورن کي هٽايو ويو آهي .  ٻئي مرحلي ۾ سنڌ ڪابينا ۾ شامل انهن وزيرن کي به هٽايو ويندو جن  جو ڪرپشن واري لسٽ ۾ نالو آهي يا جن خلاف نيب ، ايف آءِ اي وٽ جاچ هلي رهي آهي ،سنڌ جي  وڏي وزير سيد قائم علي شاھ طرفان ڪرپشن جي الزام ۾ هٽايل  10 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي جاءِ تي نون ڊپٽي ڪمشنرن کي مقرر ڪيو ويو آهي ،انهن ۾عمر فاروق بلو ڊي سي سانگھڙ،سجاد حيدر ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار،زبير چنو، دادو، زمان ناريجو ميرپور خاص،احمد شاھ، سجاول ، عابدسليم  قريشِي شڪارپور، خدا ڏنو ، ٿرپارڪر مٺي،ما جد محسن پنهور ڄام شورو، وسيم شمشاد،نوشهرو فيروز،حافظ عمراني ايڊ منسٽريٽر حيدر آباد ،اتان خالد شميم شيخ کي بدلي ڪري ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *