پانامه بابت سپريم ڪورٽ جي پهرين فيصلي تي ئي وزير اعظم کي اخلاقي طور استعفيٰ ڏيڻ گھرجي ها: ناصر شاهه

ٺٽو (ڊ.ر) صوبائي وزير اطلاعات، آمدرفت، ليبر سيد ناصر حسين شاه چيو آهي ته پانامه ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جو جڏهن پهرين فيصلو آيو هو ته وزير اعظم کي اخلاقي طور تي تڏهن ئي استعفيٰ ڏيڻ گھرجي ها پر سندس مشيرن کيس غلط مشورا ڏنا نتيجي ۾ اڄ سپريم ڪورٽ جي پنجن ئي ججن پاران کيس نا اهل قرار ڏيندي سندس خلاف مقدمو داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صوبائي وزير چيو ته پانامه ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي هاڻ عمل ٿيڻ گھرجي ۽ ميان نواز شريف کي وزير اعظم جي عهدي تان فوري طور تي استعفيٰ ڏيڻ گھرجي. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ سنڌ حڪومت پاران ڌاٻيجي ۾ جلد اڪانامڪ زون تحت ڪيترين ئي صنعتن جو ڄار وڇايو ويندو جنهن تحت مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ هتان جي ماڻهن کي ٽيڪنيڪل عهدن تي مقرر ڪرڻ لاءِ پڻ کين تربيب ۽ سکيا ڏني ويندي ته جيئن هتان جا ماڻهو فيڪٽرين ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ٿي سگھن. اهڙين ڳالهين جو اظهار اڄ هن ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي واري علائقي دريا پير ۾ ساحل ويلفيئر ٽرسٽ پاران قائم ڪيل فري جنرل ميڊيڪل ڪيمپ جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير اطلاعات پانامه ڪيس بابت ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي وزير اعظم جو عهدو اهم عهدو آهي پر نواز شريف کي سندس مشيرن غلط صلاحون ۽ مشورا ڏئي کيس آخرڪار سپريم ڪورٽ کان نااهل قرار ڏياريو. هن چيو ته ڪوبه ماڻهو قانون کان بالاتر نه آهي ۽ هن فيصلي سان مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪوبه وڏو ماڻهوڪرپشن ۾ ملوث  ڏٺو ويو ته اهو قانون جي اهڙن فيصلن کان نٿو بڇي سگھي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڌاٻيجي جي اڪانامڪ زون ۾ جيڪي به صنعتڪار صنعتون لڳائيندا انهن سان سنڌ حڪومت معاهدي تحت وڌ کان وڌ مقامي بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ لاءِ زور ڀريندي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته حڪومت سنڌ ۽ پاڪستان پيپز پارٽي عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي ان تحت ٺٽي جي ساحلي علائقن ۾ نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا جنهن سان هتان جي ماڻهن جي زندگي بدلجي ويندي. هن چيو ته ساحل ويلفيئر ٽرسٽ جو صحت، تعليم، ماهيگيري ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيل خدمتون تعريف جوڳيون آهن ۽ هو کين سنڌ حڪومت ۽ ذاتي طور تي ساحلي علائقي ۾ ساحل ويلفيئر اسپتال جي قيام لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندو. هن چيو ته ساحلي پٽي جي ماهيگيرن کان ٻيڻي فيس ورتي وڃي ٿي ان لاءِ پڻ سنڌ حڪومت هڪ فيس معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ فريال ٽالپر صاحبه جي قيادت ۾ ساحلي علائقي جي ترقيءَ لاءِ ڪوسٽل هاءِ وي جي رهيل ڪم جي جلد ٻيهر تعمير ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جو پڻ جلد آغاز ڪيو ويندو. ان موقعي تي پريس ڪلب ڌاٻيجي لاءِ صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاه پاران هڪ لک روپيه امداد جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب دوران چيئرمين ضلع ڪائونسل سجاول حاجي محمد عثمان جلباڻي، چيئرمين ساحل ويلفيئر ٽرسٽ ڊاڪٽر افضل آرائين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *