قرباني کان اڳ قرباني ٿي وئي ۽ پياري پياري ٿي آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي  (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته الله منهنجي لڄ رکي، پاڪستان ۾ سرخرو ٿيس، قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو، لال حويلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ سال اڳ به نواز شريف کي چيو هو ته استعيفيٰ ڏيو، قوم جي عزت کي پنهنجي اقتدار تي ترجيح ڏيو نه ته اقتدار به ويندو ۽ عزت به، پر هن منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ پنهنجي مرحوم والد کي به سپريم ڪورٽ ۾ گهيليو پوءِ به تاحيات نااهل ٿي ويو، هن چيو ته پيٽروليم واري وزير کي چيو هو ته وقت اچڻ تي مان توهان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندس توهان ايل اين جي تي 15 سال ڪانٽريڪٽ ڪري اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، جيئن وزيراعظم کي نااهل ڪرايو هاڻ ايل اين جي تي ڦر ٿيل پيسا واپس ڪرائي ڏيکاريندس، هن چيو ته چوڌري نثار هوشيار ماڻهو آ هي پر گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مون ان کي چيو هو ته سڀاڻي توهان وزير ئي نه ناهي رهڻو ته پوءِ استعيفيٰ ڪهڙي عهدي تان ڏيندي، هاڻ توهان به پنهنجي استعيفيٰ پاڻ وٽ رکو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *