پاناما جيان پينڊورا ليڪس ۾ غريب ملڪن جو پئسو پرڏيهه اُماڻڻ جا تفصيل ايندا: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پانامه پيپرز دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن جا ٻاهرين ملڪ لڪايل اثاثن کي ظاهر ڪيو. فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هاڻي چيو پيو وڃي ته آئي سي آئي جي هڪ ٻي تحقيق آڏو اچي رهي آهي عمران خان امير ملڪن تي زور ڏنو ته غريب ملڪن مان چورايل پئسو امير ملڪن ۾ لڪائڻ تي ڌيان ڏين، سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پانامه وانگر پينڊورا ليڪس ۾ غريب ملڪن جو پئسو ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جو تفصيل اچي ٿو ته ان سان وزيراعظم عمران ان جي موقف کي وڌيڪ هٿي ملندي چوڌري فواد چيو ته اسان کي اميد آهي ته هي جاچ به پانامه جاچ وانگر شفافيت جا نوان رستا کوليندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *