دهشتگردن جو واحد علاج صرف نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرڻ آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته جوانن جون قربانيون اسان جي قومي خودمختياري جي تحفظ لاءِ آهن قربانيون رائيگان نه وينديون دهشتگردي جي خلاف پوري قوم هڪ آواز آهي، دهشتگردن کي لوهي هٿن سان چٿيو وڃي شرپسندن کي گل پيش ڪرڻ جي پاليسي ناڪام هئي، ناڪام آهي، ناڪام رهندي، پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ فورسز جي پنج جوانن جي شهادت تي افسوس ۽ شهيدن جي وارثن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو هن چيو ته جوانن جون قربانيون اسان جي قومي خودمختياري جي تحفظ لاءِ آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم هڪ آواز آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *