ٽي ٽي پي قانون موجب هلي ته ٺيڪ نه ته اڳ به وڙهياسين، هاڻ به وڙهنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته ٽي ٽي پي قانون موجب هلي ته ٺيڪ آهي نه ته هنن سان اڳ به وڙهيا هئاسين ۽ آئينده به وڙهنداسين، اي پي ايس سانحي جا سڀ ذميوار دوزخ منتقل ٿي چڪا آهن. اها ڳالهه فواد چوڌري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي، فواد چوڌرين تحريڪ طالبان پاڪستان جي حوالي سان چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون جاري آهن، رياست جي رٽ برقرار رهندي، ٽي ٽي پي قانون موجب هلندي ته ٺيڪ آهي نه ته هنن سان اڳ به وڙهيا هئاسين ۽ هاڻ به وڙهنداسين. هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، اليڪشن ڪميشن ۾ گھڻيون شدت پسند جماعتون رجسٽرڊ آهن، تحريڪ لبيڪ جي فنڊنگ جي ڪا به خبر نه آهي، جي يو آءِ تي فارن فنڊنگ بابت سنجيده چارجز آهن، پ پ جي به فارن فنڊنگ جو ڪو جواب نه آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي اهڙيءَ طرح نه ليگ جي هڪ به ڊونر جو رڪارڊ موجود نه آهي. اي پي ايس سانحي بابت سوال تي فواد چوڌري چيو ته ان سانحي جا سڀ ذميوار دورزخ منتقل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جي خاص مددگار فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ سمورو رڪارڊ جمع ڪرايو ۽ ان ڏس ۾ 22واليم جمع ڪرايا جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ اڄ تائين فارن فنڊنگ ۾ ڪو به رڪارڊ جمع ناهي ڪرايو، ٻنهي جماعتن ڪيترائي اڪائونٽ لڪايا، سڀني جماعتن جا کاتا سامهون اچڻ گھرجن. فواد چوڌري چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي اليڪشن ڪميشن کي کوڙ ساريون شدت پسند جماعتون رجسٽرڊ آهن تحريڪ لبيڪ جي فنڊنگ جو ڪوئي پتو نه آهي، جي يو آئي تي فارنگ فنڊنگ بابت سنجيده چارجز آهن، پيپلزپارٽِ جي به فارن فنڊنگ جو ڪوئي جواب نه آهي سنڌ جي وڏي وزير کي ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي اهڙي طرح (ن) ليگ جي هڪ به ڊونر جو رڪارڊ موجود نه آهي، اي پي ايس سانحي بابت سوال تي فواد چوڌري چيو ته هن سانحي جا سمورا ذميوار جهنم وڃي چڪا آهن فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن ۾ سمورو رڪارڊ جمع ڪرايو ۽ ان ڏس ۾ 22 واليم جمع ڪرايا جڏهن ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي اڄ تائين فارن فنڊنگ ۾ ڪوئي رڪارڊ جمع ناهي ڪرايو ٻنهي پارٽين ڪيترائي اڪائونٽ لڪايا سمورين جماعتن جا کاتا سامهون اچڻ گهرجن فرخ حبيب چيو اهي ته حڪومت ايڪسپورٽ وڌائي رهي آهي ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪرونا وائرس دوران اسان  ڪارخانا بند ٿيڻ نه ڏنا هن چيو ته اڏاوتي شعبي ۾ هڪ هزار ارب جا منصوبا رجسٽرڊ ٿيا اهن ۽ انڪم ٽيڪس ۾ به گروٿ ٿي آهي ڪرونا وائرس دوران اسٽيٽ بئنڪ ڪافي سهولتون فراهم ڪيون فرخ حبيب چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو کي ڪاروبار دوست ادارو بنائڻ چاهيون ٿا اسان جي آبادي ساليانو اڍائي سيڪڙو کان وڌي رهي آهي جڏهن ته ماضي ۾ زرعي شعبي ۾ ڪوئي ڪم ناهي ڪيو ويو هن چيو ته چانور جي فصل ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اسان ڪارٽن جي سپورٽ پرائس به 5 هزار مقرر ڪئي آهي مملڪتي وزير چيو ته اسان جو ٽيڪسٽائيل جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان جا 3 هزار ارب رپيا قرض لاهڻ ۾ هليا وڃن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *