ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابر اعظم پهريون نمبر بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ پاڪستان جو بابر اعظم بيٽسمين ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.پاڪستان گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ڏني جنهن کانپوءِ قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي جي رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي اچي وئي آهي.آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي رينڪنگ به جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب بيٽسمين ۾ بابر اعظم 786 پوائنٽن سان پهريون نمبر آهي جڏهن ته آسٽريليا جو ايرون فنچ ٻئين ۽ ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٽئين نمبر تي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *