آسٽريليا افغانستان کي هارائي جونيئر ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا افغانستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ افغانستان مقرر 50 اوورن ۾ 10 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهيون. جوابي اننگز ۾ آسٽريليا 37 هين اوور ۾ ئي 4 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر حدف حاصل ڪري ورتو. آسٽريلوي بئٽسمين جيڪ ايڊورڊ 72 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.جونيئر ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏيو ويندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق رات جو اڍائي وڳي (نيوزيلينڊ جي وقت مطابق صبح جو 10 وڳي) شروع ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *