ٽي ايل پي سربراهه سعد حسين رضوي جيل مان آزاد، ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد حسين رضوي کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٽي ايل پي سربراهه جي آزادي حڪومت ۽ ٽي ايل پي جي مجلس شوريٰ وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي آهي. حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت سڄي ملڪ مان گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويندو، انهن خلاف ڪيس واپس ڪيا ويندا ۽ جن اڳواڻن کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن جا نالا به ان فهرست مان ڪڍيا ويندا. واضح رهي ته اڄ صبح وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ٽي پي ايل سان ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو هو ته قومي اسيمبلي ۾ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري جو ٺهراءُ پيش ڪنداسين.ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان لاهور جي مرڪزي ڌرڻي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ بابت ٺهراءُ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان لاهور جو مرڪزي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ ٽي ايل پي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪري رڳو لاهور جو ڌرڻو جاري رکڻ جو چيو هو. ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪالعدم جماعت جي اڳواڻ شفيق اميني ۽ شوريٰ جي ٻين ميمبرن ڪيو. شفيق اميني جو چوڻ هو ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻين معاملن ۾ به هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *