سنڌ حڪومت 17.7 ارب رپين جي لاڳت سان اسنارڪلز، فائر ٽينڊرز ۽  رفيوز ٽرڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي مڪاني کاتن لاءِ 8 اسنارڪلز، فائر ٽينڊرز، رفيوز ٽرڪ، ٽريڪٽرز ۽ ٽرالين جي خريداري لاءِ 17.7 ارب رپين جي منظور ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو هن اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلديات کاتي بلند عمارتن ۾ باھ وسائڻ لاءِ اٺ اسنارڪل خريد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن لاءِ 35 ميٽر ڊگهيون 8 اسنارڪلون خريد ڪيون وينديون جن مان 3 ڪراچي ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، نوابشاهه، سکر، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن لاءِ هڪ هڪ شامل آهن. مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسنارڪلن جي خريداريءَ لاءِ ٽينڊرز جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڀني ڊويزنل هيڊڪوارٽرن لاءِ اسنارڪلن جي ضرورت آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ 1.5 ارب رپين جي رقم دستياب هوندي. مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽين کي پنهنجن علائقن مان گندگي کي لينڊ فل سائيٽن تائين پهچائڻو هوندو آهي تنهنڪري 102 ٽريڪٽر ۽ ٽراليون گهربل آهن جن تي 4.1 ارب رپيا لاڳت ايندي.  سنڌ جي وڏي وزير اصولي طور تجويز جي منظوري ڏني ۽ ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال جي شروعات ۾ رقم دستياب ڪئي وڃي. بلديات کاتي مختلف ميونسپل ڪميٽين لاءِ 89 فائر ٽينڊرز جي خريداري لاءِ هڪ ٻو منصوبو پيش ڪيو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي سڀني ميونسپل ڪميٽين کي فائر فائٽرنگ لاءِ فائر ٽينڊرز جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه سڄي سنڌ ۾ ميونسپل ڪميٽين کي 89 فائر ٽينڊرز جي خريداري لاءِ 2.8 ارب رپيا منظور ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير بلديات کاتي جي هڪ ٻي تجويز جي منظوري ڏني جنهن تحت ايندڙ مالي سال ۾ 9.3 ارب رپين جي لاڳت سان 115 رفيوز ٽرڪ خريد ڪيا ويندا. مراد علي شاهه بلديات واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن وڏن نالن جي صفائي لاءِ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز کي فعال ڪري. هن چيو ته چوماسي جي مند اچي رهي آهي تنهنڪري وڏن نالن جي صفائي جلد شروع ٿيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *