ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو ته سخت فيصلي تي مجبور ٿيندس: ڪامران اڪمل

دبئي (اسپورٽس نيوز)  ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي باوجود قومي سليڪٽرن پاران نظرانداز ڪرڻ واري وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل سليڪشن ڪميٽي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان کي ٽيم مان ٻاهر ڪڍڻ جو سبب ٻڌائين پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندر جي خلاف سٺي راند پيش ڪري پشاور زلمي کي فتح ڏياريندڙ تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر سليڪشن ڪميٽي کي سوال ڪيو ته قومي ٽيم ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ ان کي وڌيڪ ڇا ڪرڻو پوندو ڪامران اڪمل قائداعظم ٽرافي جي گذريل سيزن ۾ سٺي راند پيش ڪئي ۽ ون ڊي ۾ به ان جي ڪارڪردگي سٺي رهي پر ان جي باوجود آسٽريليا جي دوري لاءِ ون ڊي مئچن جي سيريز لاءِ ان کي ٽيم جو حصو نه بڻايو ويو جنهن هن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *