شاهد آفريدي ۽ سندس گهرواريءَ ۾ سوشل ميڊيا تي دلچسپ ڳالهيون، هڪ ٻئي جي ساراهه

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف پشاور زلمي کي يادگار فتح ڏياريندڙ قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاهد آفريدي لاءِ سندس گهرواري وڻندڙ پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن جي جواب ۾ شاهد آفريدي به پنهنجي گهرواريءَ جي ساراهه ڪئي آهي. شاهد آفريدي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ڏکي صورتحال ۾ 27 بالن تي 45 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس گهرواري ناديا آفريدي ٽوئيٽر تي مڙس جي تصوير جاري ڪندي لکيو ته ”الحمد الله! سٺي مڙس تي مون کي ڏاڍو فخر آهي“، جنهن تي شاهد آفريدي به خوشي ۾ نه پئي ماپيو ۽ پنهنجي گهرواريءَ کي جواب ڏيندي چيائين ته ”مون کي به توهان تي فخر آهي، مان سدائين ٻه اننگ کيڏندو آهيان، هڪ پنهنجي مداحن کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ ٻي توهان کي خوش ڪرڻ لاءِ“.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *