ٽوئٽر تي انوشڪا شرما جي پوئلڳن جو انگ 60 لک کان وڌي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما جي ٽوئٽر تي پوئلڳن جو انگ 60 لک کان وڌي ويو آهي، انوشڪا شرما جو چوڻ آهي ته چاهيندڙ کيس جيڪو پيار ڏين ٿا، ان تي هوءَ سندن ٿورائتي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ٽوئٽر تي پوئلڳن جو انگ 60 لک کان وڌي وڃڻ تي انوشڪا شرما سوشل ميڊيِا جي ان ئي ويب سائٽ تي پنهنجي چاهيندڙن سان سڌيريت چيٽنگ ڪئي، جنهن دوران هن سندن پيار ۽ حمايت تي ٿورو مڃيو، هن پنهنجي پوئلڳن جو انگ وڌڻ تي خوشي اظهار ڪندي ان کي زبردست ڪوٺيو، واضح هجي ته انوشڪا جي ايندڙ فلم اي دل هي مشڪل آهي، جنهن ۾ رنبير ڪپور ۽ ايشوريا رائي بچن به ڪم ڪري رهيا آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *