ناليواري فٽ بالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم“رونالڊو” جو لنڊن ۾ پريمئير

لنڊن (اسپورٽس نيوز) سپر اسٽار فٽ بالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم “رونالڊو” جي بهترين ۽ وڏي سطح تي پريمئير واري تقريب لنڊن ۾ ٿي، جنهن ۾مانچسٽر يونائيٽيڊ جي اڳوڻي مينيجر سر ايلڪس فرگوسن سوڌو فلم ۽ فٽ بال جي ناليوارين شخصيتن شڪت ڪئي. تفصيل مطابق لنڊن جي ڪي ليسٽر اسڪوائر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ رونالڊو جو پٽ، ماءُ حوزي مورينيو، ڪارلو انشلوٽي، ريڊمل فلڪا، گيري نيولي ۽ لوئس ساها به موجود هئا. جڏهن ته ناليوارين ٽي وي شخصيتن ميليني سائڪس تقريب کي اڃان وڌيڪ وڻندڙ بڻائي ڇڏيو. ريال ميڊرڊ جي 30 سالن جي رانديگر جي پريمئير جي تقريب ۾ شامل ٿيڻ تي  چاهيندڙن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. اها فلم 14 مهينن ۾ پوري ٿي. تقريب جي دوران رونالڊو ماڻهن سان رلي ملي ويو.سندس چوڻ آهي ته  فلم جي پريئمير تي هو تمام گهڻو خوش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *