ٽوئيٽر تي خراب ۽ غلط ٻولي استعمال ڪندڙ مداحن کي بلاڪ ڪرڻ جو ارادو رکان ٿي: انوشڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما چيو آهي ته هو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي خراب ۽ غلط ٻولي استعمال ڪندڙ مداحن کي بلاڪ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ انوشڪا چيو ته ماڻهن کي گهرجي ته هو سٺي انداز سان ڳالهائين يا وري بلاڪ ٿيڻ لاءِ تيار رهن، ٽوئيٽر تي خيال ونڊڻ لاءِ مشهور  انوشڪا ڪجهه ڏينهن کان ان ويڌن بابت ٻڌائي رهي آهي، انوشڪا جي بلاڪ واري ٽوئيٽ تي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن چيو ته پياري انوشڪا مون کي بلاڪ نه ڪجان، جنهن تي انوشڪا چيو ته هو ايئن ڪرڻ جو سوچي به نه ٿي سگهي ۽ واعدو ٿي ڪري ته پنهنجي زندگيءَ ۾ ايئن نه ڪندي، جڏهن ته ٽوئيٽر بابت ان کان اڳ مهان اداڪار رشي ڪپور ۽ فلمساز ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر به ان قسم جو دانهون ڪري چڪا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *