شادي ڪو لڪائڻ وارو عمل ناهي، شادي ڪئي ته وڏي واڪي ٻڌائينديس: صوبيا

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اداڪارا صوبيا خان چيو آهي ته ننڍپڻ کان خواهش هئي ته ڊاڪٽر ٿيان، پر تعليم مڪمل نه ڪرڻ تي هميشه افسوس رهندو، هن چيو ته شادي ڪو لڪائڻ وارو عمل ناهي، شادي ڪئي ته وڏي واڪي ٻڌائينديس، مقامي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي صوبيا خان چيو ته تعليم مڪمل نه ڪرڻ جو ڏک سڄي عمر لاءِ رهندو، هن چيو ته ارادو ته ڊاڪٽر بڻجڻ جو هو پر مان اداڪارا بڻجي ويس، اداڪارا موجب فقط 5 سالن جي شوبز ڪيريئر ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون ان لاءِ ساٿي اداڪارائون وڏا جتن ڪنديون آهن. هن چيو ته ميٽرڪ ۽ انٽر ته ڪري ويس پر هاڻي بي اي پرائيويٽ طور ڪرڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته ميڊيائي ذريعن ۾ هن جي روزانو ڪنهن سان دوستي يا شادي ڪرائي ويندي آهي، پر مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته شادي ڪو لڪائڻ وارو عمل ناهي ۽ شادي ڪنديس ته وڏي واڪي اعلان ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *