ٽرمپ انتظاميا پاران پاڪستان جي امداد ۾ 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر امداد روڪڻ جو فيصلو

واشنگٽن (اين اين آءِ) ٽرمپ انتظاميا افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي رويي سبب ڏني ويندڙ 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر امداد روڪڻ تي ويچار ڪري رهي آهي، آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائيمز جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٽرمپ انتظاميا کي لڳي ٿو ته گرفتار حقاني نيٽ ورڪ جي هڪ عسڪريت پسند تائين پهچ جي آمريڪي مطالبي تي مسلسل انڪار سان پاڪستان جي آمريڪا پاران رويي جو پاڇو نظر اچي ٿو، اخبار ۾ چيو ويو آهي ته آڪٽومبر ۾ پاڪستاني فورسز پاران آمريڪي ڪينڊين گهرڀاتين جي بازيابي لاءِ ڪيل آپريشن دوران حقاني نيٽ ورڪ سان تعلق رکندڙ هڪ عسڪريت پسند کي گرفتار ڪيو هو، خيال رهي ته گذريل سال آڪٽومبر ۾ پاڪستاني فورسز ڪينيڊين شهري جو شوابوئل ۽ ان جي آمريڪي زال ڪيٽلان ڪولمين کي سندس 3 ٻارڙن سميت بازياب ڪرايو هو، آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي ته آمريڪي عملدارن کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته پاڪستان ان آپريشن دوران حقاني نيٽ ورڪ سان تعلق رکندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان جي گرفتاري کي پاڪستان جي عملدارن ڳجهو رکيو هو. تازوئي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس پاران بيان اڳيان هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسلام آباد کي نوٽيس تي رکي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *