پاڪ-ڀارت جي قومي سلامتي صلاحڪارن جي بئنڪاڪ ۾ ڳجهي ملاقات، ايل او سي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون

نئين دهلي (اين اين آءِ) بينڪاڪ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي ڳجهي ملاقات ٿي جنهن ۾ لائين آف ڪنٽرول ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهيون ٿيون، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب 25 ڊسمبر تي ڪل ڀوشن سان سندس گهرڀاتين جي ملاقات جي هڪ ڏينهن کانپوءِ 26 ڊسمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي صلاحڪارن جي ٿائيلينڊ جي گادي شهر بينڪاڪ ۾ ڳجهي ملاقات ٿي، جنرل رٽائرڊ ناصر خان جنجوعا ۽ ڀارتي هم منصب اجيت ڊول جي ملاقات 2 ڪلاڪ جاري رهي، اها ميٽنگ اڳواٽ طئه ٿيل هئي جنهن جو ڪل ڀوشن ۽ ان جي گهرڀاتين سان ملاقات جو ڪو به تعلق نه هو، ڀارتي ميڊيا ذريعن سان ٻڌايو ته ملاقات ۾ لائين آف ڪنٽرول ۽ ڪشمير معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناصر جنجوعا ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي وائکو ڪندي چيو ته ايل او سي تي آزاد ڪشمير ۾ ڀارتي فائرنگ سان بي گناهه شهري شهيد ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ پاڪستان فوج کي به ان ملاقات کان باخبر ۽ تفصيل جو علم هو، جڏهن ته خاص طور تي ان ميٽنگ جو احتمام هڪ غير جانبدار هنڌ تي ڪيو ويو هو، ان کانپوءِ ناصر جنجوعا خميس تي جاتي امرا ۾ نواز شريف سان 5 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي سلامتي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *