ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سروي ۾ پاڪستان جي پوليس ۽ عدليه سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ قرار

اسلام آباد (م.ڊ) ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ گورننس بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پوليس سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ جڏهن ته عدليه ڪرپشن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان طرفان ڪرپشن ۽ گورننس بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪرپٽ ادارن ۾ پوليس پهرين، عدليه ٻئين، ٽينڊر ۽ ڪنٽريڪٽنگ سيڪٽر ٽئين نمبر تي آهي. سروي رپورٽ موجب بدعنوان ادارن ۾ صحت چوٿين، لينڊ ايڊمنسٽريشن پنجين، لوڪل گورنمنٽ ڇهين، تعليم ستين، ٽيڪسيشن اٺين ۽ اين جي اوز بدعنواني ۾ نائين نمبر تي آهن. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سروي رپورٽ موجب 51.9 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته ڪمزور بدعنواني جي احتساب سبب 29.3 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ آهي ته ڪرپشن جو سبب طاقتور ماڻهن جي لالچ آهي. 18.8 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته گهٽ پگهار ڪرپشن جو وڏو سبب آهي. رپورٽ ۾ 85.6 سيڪڙو شهرين وفاقي حڪومت جي احتساب واري عمل کي غير تسلي بخش قرار ڏنو. سروي ۾ شهرين چيو ته سخت ترين سزائون، سزا يافته ڪرپٽ ماڻهن کي عوامي عهدي تي اچڻ جي مڪمل پابندي جي ضرورت آهي. مقامي حڪومتن جو نظام نه هجڻ سبب به ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو.  ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سروي ۾ 92 سيڪڙو پاڪستانين جي راءِ موجب گذريل 3 سالن دوران مهانگائي ۽ عام واهپي وارين شين جون قيمتون سڀني کان وڌيڪ آهن. گورننس ۽ پبلڪ سيڪٽر ۾ نااهلي، ڪرپشن ۽ حڪومتي معاملن ۾ مداخلت سبب مهانگائي وڌي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *