سيالڪوٽ جهڙن واقعن جي ذميوارن عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس هجڻ گهرجي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سيالڪوٽ واقعي جو نوٽيس ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي سربراهي ۾ 245هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس ورتو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته سيالڪوٽ جهڙن واقعن جي ذميوارن عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس هجڻ گهرجي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو سيالڪوٽ جهڙن واقعن تي زيرو ٽالرنس سان ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ختم ڪري سگهجي ٿي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ آرمي چيف سرحدن جي حوالي سان کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي سرحدن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته مستقبل ۾ جنگ جا ميدان ٽيڪنالاجي سان ليس آهن، انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ۽ ڊاڪٽرائن جو غير جانبدار جائزو ضروري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *