ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو، تفصيل سان اتفاق نٿا ڪيون:خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن گهر ڪئي ته سعودي عرب ۽ ايران جي معاملي تي پارليماني اڳواڻن کي ان ڪئميرا بريفنگ ڏني وڃي او آءِ سي جو سربراهه اجلاس گهرايو وڃي اسان کي لاچاري نه ڏيلارڻ گهرجي ايران ۽ سعودي عرب کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجا سفارتي ذريعا ڪتب آڻڻا پوندا اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته پاڪستان هن صورتحال ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو اسان تفصيل سان اتفاق نٿا ڪيون اربع تي اسان کي ان ڪئميرا اجلاس ۾ ملڪ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو وڃي اسان کي لاچاري نه ڏيکارڻ گهرجي ايران ۽ سعودي عرب کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجا سفارتي ذريعا ڪتب آڻڻا پوندا سرتاج عزيز چيو ته جيڪڏهن ميمبر ان ڪئميرا بريفنگ چاهين ٿا ته اسان کي ڪوئي اعترفاض نه آهي ان تي ٻين ميمبرن خيالن جو اظهار ڪرڻ گهريو ته ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته قائدن تحت بحث نٿو ڪرائي سگهجي سيد خورشيد شاهه چيو ته ٻين پارٽين جي ڪجهه ميمبرن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي اسان قورم جي نشاندهي نٿا ڪري سگهون جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر پارليماني ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اسان معاملي جي حساسيت کان باخبر آهيون پاڪستان کي پهريان پنهنجي پاليسي ٺاهي اڳتي وڌڻ گهرجي اسان کي ڌر نه بڻجڻ گهرجي وزيراعظم کي جلد سعودي عرب ۽ تهران جو دورو ڪرڻ گهرجي سمورين پارليمينٽ کي بريفنگ ڏني وڃي جماعت اسلامي جي اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو ته اسان کي دلجاءِ ڏني وڃي ته حڪومت پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندي پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي ان صورتحال ۾ اسان اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا او آءِ سي جو سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي حڪومت هن وقت تائين جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي واضح ڪري سيد آصف حسيني چيو ته اسان کي اميد هئي ته هن اجلاس ۾ ايران سعودي عرب ڇڪتاڻ بحث هيٺ آندي ويندي سعودي عرب سان اسان جي وابستگي اهم آهي پر ايران به اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي. اسان کي ان صورتحال ۾ ان جو جائزو وٺڻو آهي ته ڪهڙي طرح ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري اڳتي وڌڻو آهي شيخ رشيد احمد چيو ته سڄي دنيا ورهائجي چڪي آهي عقل جي گهرج آهي ته اسان کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ گهرجي حڪومت ۽ اپوزيشن کي هن معاملي تي هڪ ٿي اڳتي وڌڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *