2018 ۾ بجلي جي پيداوار طلب کان وڌيڪ هوندي، قوم 2018 ۾ ملڪ کي لوڊشيڊنگ فري ڏيندي: خواجه آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي پاڻي ۽ بجلي جي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته 2018 ۾ بجلي جي پيداوار طلب کان وڌيڪ هوندي قوم 2018 ۾ ملڪ کي لوڊشيڊنگ فري ڏيندي وزيراعظم ملڪ مان بجلي بحران جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۽ قدمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جيئن کي اقتدار سنڀاليو ته ملڪ مان بجلي بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون گذريل دور حڪومت جي ڀيٽ ۾ اڄ تمام گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ملڪ ۾ توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي رٿائن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جو ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *