ٻين تي الزام هڻڻ ۽ ٻين تي گند اڇلائيندڙن وٽ ڪجھه به نه آهي: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار عليءَ جو چوڻ آهي ته ڪجھه ڌريون غلطم ڪم کي نه ٺيڪ ڪم کي روڪڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، سٺو ڪم ڪرڻ ۾ تمام گھڻيون رڪاوٽون وڌيون وينديون آهن، حڪومت عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ جي لاءِ پرعزم آهي، راولپنڊيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پهريان دهشتگرديءَ جا هرروز واقعا ٿيندا هئا، ته ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نه چرندي هئي، تقرير ڪرڻ سڀني کان سولو ڪم آهي، ڪو چريو به تقرير ڪري سگھي ٿو، دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ کي منطقي انجام تي پهچائينداسين،  الزام هڻڻ جو ڪو علاج نه آهي، ماضيءَ جي حڪومتن ۾ ڪرپشن جو روز نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، ٻين تي الزام هڻڻ ۽ ٻين تي گند اڇلائيندڙن وٽ ڪجھه به نه آهي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *