پاناما ڪيس جو فيصلو پاڪستان جي سياست تبديل ڪري ڇڏيندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو پاڪستان جي سياست تبديل ڪري ڇڏيندو، سياست ۾ ماڻهو رڳو پئسا ٺاهڻ ايندا آهن، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو اشرافيه جي طرز حڪومت کي تبديل ڪري ڇڏيندو، اسان پنهنجي جمهوري حق لاءِ اٿي بيٺاسين، منهنجو ڌيان هنن ڏينهن ۾ پاناما جي پچ تي آهي، پهريون ڀيرو هڪ طاقتور شخص مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو آهي، پاڪستان ۾ تاريخي موقعو آهي هاڻي پاناما ڪيس جو فيصلو به اچڻ وارو آهي، فيصلو پاڪستان جي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندو، عمران خان چيو ته خيبر پختونخواهه جي پوليس پاڪستان جي بهترين پوليس آهي، اليڪشن فڪسرز هاڻي ميچ فڪسرز بڻجي ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان کان ٻاهر رهڻ جو ڪڏهن ناهي سوچيو، پاناما ڪيس پارليامينٽ ۾ کڻي وياسين ته سڀني چيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي، باويهه سياسي جماعتن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي، اميد آهي ته ايندڙ هفتي پاناما ڪيس جو فيصلو اچي ويندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ منهنجون پاڙون مضبوط آهن، مان واحد ڪپتان هيس جنهن کي پسند جي ٽيم نه ملي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، عمران خان چيو ته هاڻي مارشل لا لڳائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، برطانيه ۾ ادارن کي ڪم ڪندو ڏسي اندازو ٿيو ته جمهوريت ڇا ٿيندي آهي، ڪوئي ميڊيا کان بچي وڃي ته سوشل ميڊيا جي نظر ۾ اچي وڃي ٿو، ميڊيا ڪنهن کي معاف ناهي ڪندو، عمران خان چيو ته جيڪڏهن مان انگلينڊ ۾ نه رهان ها ته سياست ۾ نه هجان ها، 70، 80 ۽ 90 جي ڏهاڪن ۾ پاڪستان جو نقصان ٿيو، فوجي مداخلت به سسٽم کي ٺيڪ ٿيڻ نه ڏنو، وزيراعظم کي ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ڪرڪيٽ سبب ڪينسر اسپتال ٺاهي ۽ هلائي، ڪينسر اسپتال لاءِ 700 ملين رپيا جمع ڪيا، هن چيو ته ڪينسر اسپتال جي حوالي سان چار ارب رپين جي خساري کي منهن ڏنو، مان وزيراعظم ئي بڻجڻ چاهيان ٿو، چونڊ وڙهي ڇا نواز شريف ٿاڻيدار بڻجڻ چاهي ٿو، منهنجي وزيراعظم بڻجڻ جو هڪ سبب ادارن کي مضبوط بڻائڻ آهي، وزيراعظم بڻجڻ جو ٻيو سبب سمورن انساني ذريعن جي ترقي تي خرچ ڪرڻ آهي، عمران خان چيو ته تعليم کانسواءِ ڪجهه حاصل نٿو ڪري سگهجي، اسان 80 ۾ غلطي ڪئي، آمريڪا سان ملي افغان جهاد نه ڪرڻ گهربو هيو، اسان ڊالر وٺي جيڪڏهن جهادي پيدا ڪيا ته ڊالر ڏئي ماري به ڇڏيا، ان سڄي عمل ۾ اسان جو ڏاڍو نقصان ٿيو، هن چيو ته آمريڪا کي چئي پاڪستان تي ڊرون حملا ڪرايا ويا، قيمت پاڪستان جي ماڻهن کي ڀرڻي پئي، ٽرمپ ايترو خراب ناهي، جيترو مان سوچي رهيو هيس، هو ته  صفا خراب نڪتو، جڏهن مون ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر بڻجندي ڏٺو ته چيو ته هڪ تهذيب جي تنزلي ٿي، عمران خان چيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جڊيشل ڪميشن 40 سفارشون ڏنيون، اسان چارٽر آف ڊيمانڊ جلد آڻينداسين، پهريون اليڪشن ڪميشن شفاف بڻائڻ جو مطالبو ڪنداسين، سمورن سياست دانن جي نظر ايندڙ چونڊن تي هوندي آهي، چونڊن جو نه ماڻهن جي بهتري جو سوچي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته جناح جا دشمن به ڄاڻيندا هيا ته اهو مقصديت تي يقين رکندو آهي، منهنجي خيال ۾ ڪي پي ڪي حڪومت ٻين حڪومتن کان بهتر آهي، اسان انساني ترقي تي ڪم ڪيو، هن چيو ته جنرل (ر) راحيل شريف ڪراچي ۾ امن لاءِ قدم کنيا، سنڌ جي گورنر محمد زبير شريف خاندان جي ڪرپشن جو دفاع ڪيو، محمد زبير چوي ٿو ته قطري خط صحيح هيو، هائيڊل بدران مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ سبب برآمدات متاثر ٿيون، ڪراچيءَ ۾ امن جو ڪريڊٽ نواز شريف کي ڏيڻ جو گورنر سنڌ جو بيان بيوقوفاڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *