ٻوڏ متاثرن جي مدد پهرين ترجيح آهي، زمينداري بندن خلاف آهيون: نثار کهڙو

ڏوڪري(رپورٽر) صوبائي وزير آبپاشي نثار کهڙو ٻلهڙيجي پتڻ تي پهچي بندن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو. تفصيل مطابق ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ٻلهڙيجي پتڻ تي پهچي هڪڙا بچاءُ بند، حسن واهڻ ۽ ٻلهڙيجي بچاءُ بندن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙو ڊي سي لاڙڪاڻو جاويد جاگيراڻي، پ پ اڳواڻن عبدالفتاح ڀٽو، طارق سيال، خان محمد سانگهرو ۽ ٻين سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپن جو دورو ڪندي کانئن مسئلا معلوم ڪيا ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙو ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته موهن جو دڙو واري علائقي کان سنڌو دريا جو پيٽ تمام گهڻو وڏو آهي، گذريل ٻوڏ دوران 11 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري ويو ۽ هاڻي به خيريت سان 8 لک پاڻي گذري ويندو. هن چيو ته سنڌ جي حساس بندن جي مان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آرمي ۽ نيوي اهلڪارن جي مدد سان کين ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. هن چيو ته لاڙڪاڻو خيرپور پل مضبوط آهي، پل کي ڪمزور قرار ڏيندڙن جي سوچ ڪمزور آهي. هن چيو ته اسان زمينداري بندن جي خلاف آهيون، زمينداري بندن سبب پاڻي نيڪال ۾ سخت پريشانيون درپيش اچي رهيون آهن، جن کي جلد هٽايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، کين ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ان مو قعي تي پ پ اڳواڻ طارق انور سيال خطاب ڪندي چيو ته ڏوڪري باقراڻي تعلقي جي عوام جا ڏک اسان جا ڏک آهن ۽ انهن جي خدمت جاري آهي .ان سلسلي م اسين هر روز اچي ٻوڏ سٽيلن کي امداد ڏيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *