سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين توڙي سرحدي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن مطابق وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ آئي ايس آئي جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به موجود هئا، ملاقات دوران دهشتگردي خلاف هلندڙ آپريشن ضرب عضب ۾ هن وقت تائين مليل ڪاميابين جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ملڪ جي اندروني ۽ سرحدن جي سيڪيورٽي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪ فوج جي قربانين سبب ملڪ ۾ امن بحال ٿي رهيو آهي، دهشتگردي جو خاتمو ٿي رهيو آهي، ان کان پهرين جنرل راحيل شريف نشي جي خاتمي واري اداري جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جنهن دوران اي اين ايف جي ڊي جي، آرمي چيف کي نشي جي اسمگلنگ خلاف هلندڙ آپريشن بابت بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته نشي مان ملندڙ رقم دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کنيا پيا وڃن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف 15-2014ع جي رڪارڊ ۾ نشي جون شيون پڪڙڻ تي اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ شهيدن جي قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *