ٻارنهن مئي واقعن سميت دهشتگردي جا سمورا سنگين ڪيس فوجي عدالت ڏانهن اماڻيا وڃن: شهريار مهر جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جَي اڳواڻ شهريار مهر، 12 مئي سميت دهشتگردي جا سمورا سنگين ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جَي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته 12 مئي وڏو سانحو هو، جنهن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف هلندڙ ڪيس فوجي عدالتن ۾ منتقل ڪيا وڃن. هـُن چيو ته دهشتگردن جو تعلق  ڪهڙي به جماعت سان هجي انهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي سان اتحاد بابت فنڪشنل ليگ اڳواڻ چيو ته متحده پ پ سان ڀلي اتحاد ڪري هو نه ڪندا. شهريار مهر چيو ته گرفتارين واري عمل سان پ پ – ايم ڪيو ايم اتحاد تي ڪو به فرق نه پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *