سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت درخواست خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪندي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالت کي پڪ آهي ته اڃان ڪيترائي آفيسر عدالتي حڪم باوجود ٻين کاتن ۾ ڪم ڪري رهيا هوندا، تنهنڪري هن درخواست کي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ۽ ٻين کاتن ۾ ضم ڪرڻ واري مک ڪيس سان ملائي ٻڌو ويندو. جسٽس سرمد جلال عثماني جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ سنڌ جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست کي ٻڌو. درخواست گذار جو موقف هو ته عدالتي حڪم باوجود وسيم خواجه کي عهدي تان نه هٽايو ويو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت عدالت کي آگاهي ڏني ته وسيم خواجه کي هٽايو ويو آهي، تنهنڪري وڏي وزير خلاف درخواست کي خارج ڪيو وڃي. عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته عدالت کي لڳي ٿو ته اڃان ڪيترائي آفيسر عدالتي حڪمن باوجود نه هٽيا آهن، تنهنڪري هن درخواست کي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ۽ ٻين کاتن ۾ ضم ڪرڻ واري ڪيس سان ملائي ٻڌو ويندو. عدالت سنڌ حڪومت جي وڏي وزير خلاف توهين عدالت جا جاري نوٽيس واپس وٺڻ واري درخواست رد ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *