يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي به جلد ڏيهه واپس آندو وڃي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ويو آيه ته سعودي عرب جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي ڪنهن به خلاف ورزي تي پاسڪتان پاران سخت ردعمل آڏو ايندو جڏهن ته وزيراعطم محمد نوازشريف يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي صحيح سلامت واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته يمن ۾ ڦاٿل رهجي ويل پاڪستانين جي واپسي جا انتظام بهتر ڪيا وڃن اڱاري تي وزيراعظم هائوس ۾ وزراعظم نوازشڙيف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار بچاءُ وارو وزير خواجه محمد آصف وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن جو صلاحڪار سرتاج عزيز وزيراعظم جو معاون خاص طارق فاطمي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد نوازشريف يمن مان پاڪستانين جي واپسي جي پهرين مرحلي مڪمل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته يمن ۾ باقي رهجي ويل پاڪستانين کي جلد کان جلد صحيح سلامت وطن واپس پهچايو وڃي وزيراعظم خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته يمن مان پاڪستانين کي ڪڍڻ جو پهريون مرحلو اطمينان بخش نموني سان مڪمل ٿيو آهي يمن ۾ باقي رهجي ويل پاڪستانين کي جلد کان جلد واپس آندو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يمن مان وطن واپس پهتل پاڪستاني شهري يمن جي مختلف وڳوڙي علائقن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي محفوظ واپسي کي يقيني بنائڻ ۽ ان معاملي کي قومي ترجيحي طور تي وٺڻ لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ان جو نهايت ممنون آهيان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ويو ته سعودي عرب جي علائقائي سالميت ۽ خودمتياري جي ڪنهن خلف ورزي تي پاڪستان جي عوام جي امنگن مطابق پاڪستان پاران سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *