وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي ؛ڊاڪٽر ولي محمد کٽياڻ

بيشڪ اولياءَ الله ۽ انهن جون درگاهون، مزارات،  تبرڪات به شاعر الله آهن ۽ انهن جي تعظيم دلين جي تقويٰ آهي، يعني ايمان، تقويٰ ۽ پرهيزگاري اولياءَ الله جي تعظيم ۽ انهن سان محبت رکڻ  ۾ نصيب ٿي سگهن ٿيون.

اولياءَ الله، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي درٻار ۾ پهچڻ جو ذريعو آهن، جنهن الله وارن مان اسان جا مرشد، حضرت خواجه نعمت الله قريشي نقشبندي دادوي رحه ۽ سندن صاحبزاده خواجه عبدالرحمان قريشي نقشبندي دادوي رحه پڻ دادو شهر ۾ منور آهن.

حضرت سائين نعمت الله قريشي دادوي رحه جي ولادت باسعادت مورخه پهرين اپريل 1920ع خميس جي ڏينهن بمطابق 12 رجب المرجب 1338هه ڳوٺ بالو لاشاري تعلقه سيوهڻ شريف دادو  ۾ ٿي. سندن تعلق مذهبي گهراڻي سان هو ۽ سندن والد محترم سائين جان محمد قريشي رحه درس و تدريس جي مقدس پيشي سان وابسطه هو. پاڻ ابتدائي تعليم تعلقي سيوهڻ جي ننڍڙي ڳوٺ ڳنڀير ۾ چوٿين ڪلاس تائين ورتائون، پنجون ڪلاس ڳوٺ ٻنون تعلقه ميرپور بٺورو ضلعو ٺٽو مان پاس ڪيائون، فائنل جو امتحان ڳوٺ چوهڙ پور ضلعي لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائون، عربي ۽ فارسي جي تعليم استاد محترم ميان احمد قريشي کان حاصل ڪيائون. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ملازمت اختيار ڪيائون ۽ ملازمت دوران ضلعي دادو جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 1961ع تائين تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.

1940ع ۾ درگاهه  ويهڙ شريف کان فيض اڪمل حاصل ڪيائون، جيڪا لڳ  ڀان سيد آباد ضلع ڄامشورو ۾ آهي، طلب روحانيت جي 19 سالا دور ۾ 15 مختلف جاين تي 34 روحاني چلا رکڻ فرمايائون. سندن فيض مبارڪ نه رڳو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بلڪه هن خط ارض جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي ويو. پاڻ لکين ماڻهن کي عشق مصطفيٰ صلعم سان سرشار فرمايو.برصغير جو هي روحاني پيشوا ۽ باني تنظيم گلشن روحانيت 11 جماد الثاني 1415هه اڱاري ڏينهن هن فاني دنيا مان آخرت ڏانهن سفر اختيار ڪيائون ۽ 16 نومبر 1994ع تي ٻنپهرن جي نماز بعد  درگاهه شريف اندر مدفن ٿيا.

سندن صاحبزاده سندن درگاهه جا  سجاده نشين حضرت مخدوم  سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي رحه سندن  وصال بعد  سندن  فيض اڪمل کي جاري رکيو ۽ سلسلي نقشبندي جي خدمت ڪندا رهيا. سندن صاحبزادن حضرت سخي سائين عبدالرحمان جن کي طريقت جون سڀئي منزلون سندن والد محترم جن پاڻ بعيت وٺي طئي ڪراِيون ۽ سندن خلافت پنهنجن مرشدن ڪريمن حضرت قبله محمد اشرف ويهڙائي رحه جي هٿن مبارڪن سان درگاهه عاليه ويهڙ شريف ۾ ڪرائي. سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي سائين نعمت قريشي جا اڪيلا فرزند هئا، والد جي وصال بعد سندن مزار مقدس تي عاليشان گنبذ جي تعمير، سندن سوانح حيات هڪ اردو زبان ۾ ۽ ٻي سنڌي زبان ۾ ڇپرائڻ سندن وڏا ڪارناما هيا.درگاهه سائين نعمت الله قريشي جي سونهن سندن هر دلعزيز ۽ پروقار شخصيت  سان  ئي منصوب هئي. سندن وصال مبارڪ 9 جون 2013ع آچر بمطابق 29 رجب المرجب 1434هه ۾ ٿيو. 10 جون 2013ع سومر ڏينهن 30: 9 وڳي پنهنجي  والد خواجه نعمت الله قريشي نقشبندي جي روضي اندر سندن ئي پاسي ۾ هزارين آلين اکين سان مدفن ٿيا. دعا آهي ته الله تعاليٰ هن درگاهه شريف جو فيض قيامت تائين جاري رکي ۽ درگاهه شريف جي موجوده گادي نشين پير حاجي منظور احمد قريشي نقشبندي جي عمر دراز فرمائي ۽ صاحبزاده نعمت الله قريشي جيڪي صغير آهن ۽ قبله سائين سخي عبدالرحمان جا نورِ نظر ۽ جاءِ نشين آهن، الله تعاليٰ کين خضري حياتي عطا فرمائي ۽ سندن درجا بلند فرمائي. (آمين)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *