ياسر شاهه ٽاپ 10 بالرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪولمبو ۾ سريلنڪا خلاف کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ بهترين بالنگ ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالرن ٽيسٽ ريڪنگ ۾ ٽاپ 10 بالرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. آءِ سي سيءَ طرفان جاري ڪيل تازي رينڪنگ موجب ياسر شاهه بهترين بالنگ جي ڪري پنج درجا ترقي ڪئي آهي ۽ هاڻي هو ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن کان سواءِ پاڪستاني بيٽسمين اظهر علي جي رينڪنگ ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ اظهر علي به آءِ سي سيءَ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 12 هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته يونس خان ٽي درجا هيٺ ٿيڻ کان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ 8 نمبر تي اچي ويو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ گڏيل طور ڇهين نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *